سراهه سوراهه واهه

سراهه/ سوراهه واهه: هيءُ واهه سنڌ جي سمي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کوٽايو هو. نيرون ڪوٽ پرڳڻيءَ ۾ جبلن جو پاڻي ڍنڍ ڏانهن مڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پنهنجي وزير چاڳلا کي دولهه دريا خان سان گڏ اهو واهه کوٽائڻ لاءِ موڪليو. اهو واهه کوٽجڻ کانپوءِ ان ۾ جمع ٿيل پاڻي آباديءَ لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جي قبيلي جا ماڻهو آباد ڪندا هئا ۽ ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ قبيلي وارا آباد ڪندا هئا. اهو واهه سيوهڻ کان اٺٽيهه ميل ۽ جبل کان 32 ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.: هيءُ واهه سنڌ جي سمي حڪمران ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کوٽايو هو. نيرون ڪوٽ پرڳڻيءَ ۾ جبلن جو پاڻي ڍنڍ ڏانهن مڙڻ لاءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي پنهنجي وزير چاڳلا کي دولهه دريا خان سان گڏ اهو واهه کوٽائڻ لاءِ موڪليو. اهو واهه کوٽجڻ کانپوءِ ان ۾ جمع ٿيل پاڻي آباديءَ لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. منڇر جو اتريون پاسو ڳاهن جي قبيلي جا ماڻهو آباد ڪندا هئا ۽ ڏاکڻو پاسو وري بوبڪ قبيلي وارا آباد ڪندا هئا. اهو واهه سيوهڻ کان اٺٽيهه ميل ۽ جبل کان 32 ميل پري بوبڪ پرڳڻي ۾ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو